آرائين منصور الحق

آرائين، منصور الحق: تعليمي ماھر. ائڊريس حيدرآباد سنڌ، تعليمي لياقت بي. اي پنجاب يونيورسٽي 1963ع، ايم. اي سنڌ يونيورسٽي 1967ع بي ايڊ 1969 – ايم ايڊ 1974- پي، ايڇ ڊي 1989ع. ذميواريون: ليڪچرار 1975ع کان 1984ع تائين. علامه اقبال يونيورسٽي طرفان سنڌ صوبي لاءِ بي، ايڊ جي آف ڪئپس جو پروگرام آفيسر رھيو. ان کان سواءِ علامه اقبال يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، ريسرچ گائيڊ ۽ صلاحڪار رھيو. ورلڊ بئنڪ ۽ يونيسيف طرفان ڪنسلٽنٽ رھيو آھي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي جنرل لاءِ ايڊيٽوريل بورڊ ۽ صوبائي تحقيقي بورڊ سنڌ جو ميمبر رھيو. تعليمي ارتقا ڪلاس 1 کان 10 جي چيئر ۾ صوبائي ريسرچ ڪميٽيءَ جو ميمبر رھيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو